اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي ??اهي خاندان جي ??عوت تي ولي عهد حسين جي ??ادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي ??وري کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي ??عوت تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي وزير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي ??هولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي ??ينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي ??راق جي ??وري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي ??عبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي ??هولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.