اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ??مل??تي وزير حنا رباني کر سان جرمن ??مل??تي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب ??مل??تي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي ??هميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي ??عبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪي??. ٻ??هي طرفن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي ??مل??تي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ ج??ڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏن??. ٻ??هي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي ??ورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.