اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين عورتن جي پهچ کي بهتر بڻ??ئ?? جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهي ٿي، پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار ??ڻائ?? جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار ??ڻائڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ۽ انهن کي سبق حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا فراهم ڪر?? جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته هن سال جو عنوان ”ڊيجيٽ آل: صنفي برابري جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڊيجيٽل تفريق اڄ جي تيز رفتار ۽ سدائين بدلجندڙ دنيا ۾ عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ ۽ شموليت جي راهه ۾ هڪ اهم رڪاوٽ آهي. ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن جي اهم خدمتن جي باوجود ٽيڪ ايجوڪيشن، ڪيريئر ۽ گورننس ۾ انهن جي نمائندگي گهٽ آهي پر ڪوويڊ 19 جي وبا دوران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز استعمال ڪندڙ عورتن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اهو تمام حوصلي جوڳو آهي جڏهن ته اسان کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻ??ئ?? جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي عورتن جي لاءِ هڪ محفوظ، وڌيڪ جامع ۽ برابر ڊيجيٽل دنيا بڻ??ئي ڊيجيٽل تفريق کي ختم ڪر?? جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مون مون کي يقين آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهي ٿي. ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز انهن جي لاءِ ڊيجيٽل معيشت ۾ حصو وجهڻ ۽ تعليم، صحت، بئنڪنگ، قرضن ۽ ٻين ضروري خدمتن تائين انهن جي پهچ کي وڌائ?? جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان کي خاص طور تي اسان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي پروگرامن کانسواءِ انهن کي انٽرنيٽ سروسز، ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين پهچ وڌائ?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انهن شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهين ۽ ان مقصد جي لاءِ انهن کي ضروري هنر ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چيو ته پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار ??ڻائ?? جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. صدر چيو ته عورتن کي بااختيار ??ڻائ?? جي لاءِ پاڪستان ڪيترائي اقتصادي ۽ ق??نو??سازي جا قدم کنيا آهن جن ۾ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي، عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ ۽ هراسمينٽ کان تحفظ جا ق??نو?? شامل آهن. اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ صنفي مين اسٽريمنگ پاليسي تيار ڪئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن جي مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ مالياتي شعبي ۾ عورتن جي تناسب کي 20 سيڪڙو تائين وڌائ?? جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران کنيل ٻين قدمن ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي بااختيار ??ڻائ?? جي قومي پاليسي، انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صنفي برابري بابت پاليسي فريم ورڪ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ جا پئڪيجز شامل آهن. صدر چيو ته عورتن جي هن عالمي ڏينهن تي آئون حڪومتن، اين جي اوز ۽ خاص طور تي عورتن سميت سمورين ڌرين کان صنفي اڻبرابري کي ختم ڪر?? جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چيو ته حڪومتن، بئنڪنگ ۽ نجي شعبي کي ڊيجيٽل ذريعن وسيلي عورتن جي سماجي ۽ اقتصادي شموليت جي ڪوششن جي حمايت ڪر?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي. اچو اسان صنفي برابري کي حاصل ڪرڻ جو وچن ڪريون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي سڀني جي لاءِ هڪ وڌيڪ منصفاڻي ۽ برابر دنيا ٺاه?? جي لاءِ ڪم ڪريون.