اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضي??ءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته ضي??ءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضي??ءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪست??ن جو نا??و ٻاهرئين م??ڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو ??اندار ڪردار ادا ڪيو. ضي??ءَ محي الدين جو ??واز اس??ن جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ??ن جي صلاحيتن ۽ ??ن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.