جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ س??ن پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ س??ن ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، ت??زي ٻوڏ س??ن پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ س??ن ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ س??ن 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفر??س ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ س??ن پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفر??س ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.