اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري ??ي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو ا??ڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري ??فصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، قل??ه سيف الله، قل??ه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور، قل??ت، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري ??و ا??ڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو ا??ڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو ا??ڪان آهي.