ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي عوام کي انصاف جي فراهمي ۽ انهن جي خدمت کي ان جي حقيقي روح سان يقيني بڻائين ته جيئن شهرين کي درپيش مسئلن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي ڪردار، فرضن ۽ ڪارڪردگي جي عنوان سان منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ايف ٽي او جي سالياني رپورٽ سال 2021ع پڻ جاري ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته اهو محتسب جي بنيادي فرضن ۾ شامل آهي ته ??و متاثر شهرين کي انصاف جي فراهمي جي عمل کي تيز ڪري ۽ انفرادي حيثيت ۾ يا وڏي گروپ طور شهرين کي متاثر ڪندڙ مسئلن جي حل لاءِ رستو ڳولي. صدر چيو ته ??کيل لفظ ڪجهه وقتن تي هر معاملي جو احاطو نه ٿا ڪري سگهن ان لاءِ اعليٰ عدليه کي آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته ??انونسازي جاري ۽ ساري عمل آهي جيڪو نئين ترقي، مصنوعات، اڀرندڙ ڪاروبار، واپاري عمل ۽ معاشري جي ترقي سان ارتقا پذير ٿئي ٿو. مجموعي قانوني فريم ورڪ وانگر ٽيڪس ??انون به هڪ متحرڪ عمل مان گذرن ٿا ۽ انهن کي عوام جي سهولت ۽ خدمت جي جذبي تحت انهن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سدائين ترميمن ۽ تشريح جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته دوستاڻو، خدمتن تي ٻڌل ۽ معروضي ٽيڪس ??ظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي هر ٽيڪس ڏيندڙ خوشي ۽ پنهنجي مرضي سان قانون جي پاسداري ڪري ۽ بنا ڪنهن خوف جي ٽي??س جي ادائيگي ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??حتسب سيڪريٽريٽ رياست جا اهم ادارا آهن جيڪي لاڳاپيل قانونن جي صحيح تشريح ۽ متاثر شهرين کي انصاف فراهم ڪري عوامي مسئلن جي حل ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته ??حتسب ڀلي اهو وفاقي هجي، ٽيڪس ??جي يا انشورنس محتسب سرڪاري ادارن ج?? حريف ناهن هوندا پر اهي عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪايتن جي حل لاءِ لاڳاپيل فورمز تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. حضرت محمد ﷺ ۽ خلفاءِ راشدين جي دور جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته جڏهن به ڪنهن کي عوامي معاملن جي انتظام لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو ته ان کي هدايت ڪئي ويندي هئي ته ??و عوام جي پهچ کي يقيني بڻائي ۽ خدمت جي جذبي کي سرفهرست رکي. هن چيو ته دروازا کليل رکڻ ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻڌڻ جي جذبي کي زندهه رکڻ گهرجي. بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي جڏهن ته ??انون ۽ قاعدن ۾ ڪجهه خاميون ۽ بي ضابطگيون آهن جيڪي عوام يا سرڪاري عهديدارن کي انهن جي غلط استعمال جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدعنواني هڪ اهڙي لعنت آهي جنهن کي معاشري مان مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو پر اهو افسوسناڪ آهي ته اسان جي معاشري ۾ ان جو تناسب ٻين ترقي يافته ??ومن کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بدقسمتي سان اڄڪلهه ڪوڙين ۽ بي بنياد خبرن جو دور آهي جن جي ڪري اصل مقصد پٺتي رهجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي مرضي جو مفهوم ڪڍڻ جي لاءِ لفظن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ايف ٽي او هڪ متحرڪ اداري طور تي ٽيڪس ڏيندڙن کي باعزت حيثيت ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن انهن کي ٽي??س جي ادائگي ۽ مسئلن جي حل ۾ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته ??قامي سطح تي تيار ڪئي ويندڙ گاڏين تي ٽي??س جي شرح ۾ گهٽتائي بابت هڪ تازي ڪيس ۾ ايف ٽي او جي فيصلي 9 هزار پنج سئو کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف فراهم ڪيو جڏهن ته ??ريڪٽرز تي ٽي??س جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ عوام کي ريليف ملندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي قدمن مان فائدو کڻندڙ شهرين کي ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ پڻ ڏنا.