اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ت?? اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽ?? آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيا??ي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ پي ٽ?? آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پي ٽ?? آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيا??ي لاءِ دعاڳو آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ت?? اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.