گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ??ارت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف ورزيون ڪندي پنهنجو جب??ي قبضو قائم ڪيو. هن ??يو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارتي قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ??ارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا. هن ??يو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.