اسلام آب??د – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي صدارت ايسوسيئيشن جو صدر يانگ جياندو ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاران پي ايم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 140000 آم??يڪي ڊالرز جي رقم جو چيڪ وزيراعظم کي ڏنو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ايسوسيئيشن پاران ??مد??دي رقم جي فراهمي تي وفد جا ٿورا مڃيا.