اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ??رڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاث??ين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پاڪستان سان تعاون ??رڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪ??ي آهي. دهشتگردي جي ڪ??ي پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي هٿياربند فوج متاث??ين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مق??عي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاث??ين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.