اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم ڪيل فض??ئي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان شيڊيول موجب هڪ امدادي اڏام نور خان ايئربيس ??اولپنڊي پهچي وئي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان موجب پاڪستا?? جي ٻوڏ سٽيل?? جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 19 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪ??ڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.