دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري جي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اڄ دوحه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزير??عظ?? امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. پاڪستان ?? قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ديوان ۾ وزير??عظ?? کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزير??عظ?? اڄ دوحه ۾ 974 اسٽيڊيم جتي فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزير??عظ?? کي اسٽيڊيم جي مختلف سيڪشنز ۽ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزير??عظ?? اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ?? قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪندو.