اسلام ??باد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاران چين جي صدر شي جن پنگ جي سالگرهه تي کيس ڪيڪ ۽ گلن جو ??حف?? موڪليو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪيڪ ۽ گلدستو اسلام ??باد ۾ چيني سفارتخاني پهچايو ويو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان وزيراعظم پاران ڪيڪ ۽ گلدستو چيني سفارتخاني جي عملدارن جي حوالي ڪيو. چيني عملدارن وزيراعظم پاران ??حف?? تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.