انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ??يڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ترڪ س??ڙپڪار ان مان فائدو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ڪندي، خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، و??يراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ترڪ س??ڙپڪارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ??يڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنهي ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته سندس حڪومت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي جي شعبي ۾ ترڪ س??ڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڊيمز جي شعبي ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، و??يراعظم چيو ته پن بجلي سان 40 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ترڪ س??ڙپڪارن کي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، و??يراعظم جديد ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، انهن کي جيڪڏه?? جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي جي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، و??يراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، و??پار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چوڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.