اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سو??لن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپشن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفا??ي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفا??ي وزير چيو ته عمران خان مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قا??ون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قا??ون سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفا??ي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سو??لن کان هي اٺ س??لن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چيو ته ميڊيا جي سوال پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قا??ون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف سوال پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن چيو ته چئن س??لن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوندو آهي.