اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشت??رد??ڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي، پرڏيهي آف??س جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آ??ي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشت??رد??ڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آ??ي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کي?? انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي س??هجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي س??و سنئون حملو آ??ي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.