اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسلما?? امت کي غربت، بيروزگاري جي خاتمي، گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ اتحاد ۽ ٻڌي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسلامي تعاون تنظيم کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??لسطين ۽ ڪشمير جي مسل??ان?? کي ظلم ۽ بربريت کان ڇوٽڪاري لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل، افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ مقرر اسلامي ملڪن جي سفيرن جي اعزاز ۾ پنهنجي پاران ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي ڪيو. مه??ان?? جي آجيان ڪندي هن چيو ته رمضان رحمتن ۽ برڪتن جو مهينو آهي، ??زيراعظم اسلامي ملڪن جي سفيرن کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو گڏيل اتحاد ۽ ٻڌي جو مهينو آهي ۽ اسان سڀ هتي گڏجي اتحاد ۽ يگانگت جو پيغام ڏئي رهيا آهيون، هن مهيني اسان سڀني تي الله جون رحمتون ۽ برڪتون نازل ٿين. هن اتحادي پارٽين جي وزيراعظم ۽ پنهنجي پاران ۽ انهن جي پاران اها خاطري ڪرايان ٿو ته سمون اسلامي ملڪن سان ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد لاءِ ڪوششون ڪنداسين، هي مهينو اسان کي قرباني، ??ڪٻئي جي مدد جو پيغام ڏي ٿو، وزيراعظم چيو ته سياست جو ميدان هجي، ??اپار يا سيڙپڪاري هجي گڏيل ڳالهه ٻولهه ۽ امت جي اتحاد ۽ سوچ جي جيت??ي ضرورت اڄ آهي ايتري پهرين نه هئي، خادم پاڪستان هجڻ جي ناطي آئون اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان کي ڪاسا بلانڪا کان ڪوالالمپور تائين جي مسلمانن ل??ءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. ڀائيچاري جي فروغ، اختلافن جي خاتمي ۽ پنهنجي اجتماعي دانش جي استعمال ۽ اجتماعي ڪوششن سان غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، اسلامي دنيا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي انهن وٽ وزنري قيادت موجود آهي، ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته مسلمان ملڪن جي مسئلن جي حل لاءِ زباني ڳالهين جي نه پر عملي قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته هي قرآن ڪريم جو پيغام آهي ۽ نبي ڪريم ﷺ جو اسوه حسنه به اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان سڀني کي مسلما?? امت جي اتحاد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ??نهنجو ان پيغام تي ايمان آهي ۽ ان تي عمل پيرا ٿي غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اسان کي پرعزم ٿيڻو پوندو، اسان کي هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻو پوندو، تڏهن ئي دنيا اسان تي اعتماد ۽ اسان جو قدر ڪندي. هن چيو ته هتي هڪ اهڙي بلاڪ جي ضرورت آهي جيڪو نه رڳو يورپي يونين جي طرز تي مسلمان ملڪن جي مسئلن جو ادراڪ ڪري پر قدم کڻي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ايئن راتو رات ممڪن نه آهي پر ان ل??ءِ هڪ ڊگهي اڻٿڪ محنت جي ضرورت آهي، ??ن چيو ته اهو ئي مسلما?? امت جي دنيا جي احترام جو مختصر رستو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين سڙي رهيو آهي، اسرائيل جي فوج پاران فلسطين ۾ ان وقت جيڪا بربريت ٿي رهي آهي اها ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو، اسان فلسطينن ل??ءِ دعاڳو آهيون، اسان انهن جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، انصاف ۽ صاف گوئي کانسواءِ دنيا ۾ امن جي بحالي ممڪن نه آهي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير جي وادي ڪشميرين جي رت سان رنگين ۽ اتي ڀارتي فوج ڪشميرين کي طاقت جي زور تي حق خود اراديت کان ڏهاڪن کان محروم رکيو آهي، سلامي ڪائونسل جي قراردادن تي جنهن جو جواهر لعل نهرو سلامتي ڪائونسل ۾ واعدو ڪيو ته ڪشميرين کي حق خودارايت ڏنو ويندو ان تي عمل کان انڪاري آهي، انهن قراردادن جو احترام نه پيو ڪيو وڃي، ??ن چيو ته جيڪڏهن اسان متحد ٿي نه بيٺاسين ۽ پنهنجون خوشيون نه ورهايون، پنهنجي ملڪن مان غربت جو خاتمو نه ڪيو، پنهنجي ماڻهن کي بااختيار نه بڻايو، کين جديد تعليم ۽ فني تعليم نه ڏني ۽ کين باوقار قوم ۾ شامل نه ڪيو ته پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهنداسين، وزيراعظم چيوته اسان کي اسلامي تعاون تنظيم کي وڌيڪ بااختيار، فعال ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، تازو ئي پاڪستان م اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جو انعقاد ٿيو جنهن ۾ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي مه??ان?? پر پنهنجي ڀائرن جي پرجوش آجيان ڪئي، ??ن چيو ته وقت اچي رهيو آهي ته اسان کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي دانش ۽ اتحاد کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي، ??ن اسلامي ملڪن جي سفيرن جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سعودي عرب، نار ملڪن، قطر سميت سڄي دنيا کان مبارڪباد جا پيغام مليا جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته اسلامي ملڪن کي پنهنجي مقصدن ۽ مشن کي سگهه ڏيڻي پوندي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن ل??زم ۽ ملزوم آهن، وقت سان گڏوگڏ مسلمان دنيا طاقتور ۽ متحد ٿيندي، ??ن چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران نه رڳو پاڙيسري ملڪ پر مسلما?? امت ۽ سڄي دنيا لاءِ چئلينج آهي، ان ل??ءِ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي، ان خطي ۾ امن جي بحالي ٻين ملڪن ل??ءِ ضروري آهي، ان ل??ءِ دنيا کي اپيل آهي ته افغان ڀائرن ۽ ڀينرن ل??ءِ آواز اٿاريو وڃي ته جيئن انهن جا مسئلا گهٽ ٿين.