اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ??وڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??ن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي ??و اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ??اڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ??زي??اعظم چيو ته ??و گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.