اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسڪ??وٽ??ي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي دعوائن جو پول کولي ڇڏيو آهي، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين. اڪبر ايس بابر جي در??وا??ت ۽ گڏ لڳل سڀئي دعوائُون ڪوڙيُون ثابت ٿيُون آهن، ڪو ثبوت موجود نه هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ف??ڊن?? ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جي ف??ڊن?? جي حوالي سان ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اڄ اسڪ??وٽ??ي ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿي آهي، پيروائيز جواب اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکي رهيا آهيون، انهي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جيڪو چار سال آئيني فورم جي سامهون اچي اهو چوندو رهيو ته فارن ف??ڊن?? ورتي آهي، مون وٽ ثبوت موجود آهن، اها در??وا??ت خارج ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ ٻي در??وا??ت داخل ڪئي وئي آهي، ان در??وا??ت ۾ در??وا??ت ڪئي وئي آهي اڪبر ايس بابر کي ان ڪيس کان ڌار ڪيو وڃي، اسڪ??وٽ??ي ڪميٽي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن ان ڪيس کي ٻڌندي رهي، مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر اسڪ??وٽ??ي ڪميٽي کي مطئمن ناهي ڪري سگهيو ان کي ڌار ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو فارن ف??ڊن?? ڪيس هلي رهيو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڳجهن اڪائونٽس جا تفصيل نه ڏئي سگهيون، ڪروڙين روپين جا ڪي به ثبوت نه آهن، پاپڙ وارا، فالودي وارا ۽ مئل ماڻهن جي اڪائونٽس مان پئسا نڪري رهيا آهن، اسڪ??وٽ??ي ڪميٽي ميمبرن جي رٽائرڊ ٿيڻ سان غير فعال ٿي چڪي آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين، پي ٽي آءِ پنهنجا سمورا ثبوت پيش ڪيا، باقي به اڳتي وڌن. ڪڏهن عدالتن تي حملا، ڪڏهن جسٽس قيوم جهڙن ماڻهن کان مرضي جا فيصلا ٻڌائيندا آهن، راڻا ثناءُ الله جي ججز کي تازي ڌمڪي سڀني جي سامهون آهي، اهو عدليه تي حملو آهي، اعليٰ قيادت جو نوٽيس نه وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته انهن جي پارٽي پاليسي آهي، انهن ڀڀڪين سان ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو. مسرور انور ڪير آهي، فرخ حبيب چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته رانا ثناءُ جي عدليه ڌمڪين تي ن ليگ معافي گهري، پهريون ڀيرو طاقتور جو احتساب ٿي رهيو آهي اسان احتساب جي عمل سان گڏ آهيون.