اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي ??را??مي ۽ عالمي برادري پ??ران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پ??ڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي ??را??مي ۽ عالمي برادري پ??ران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گ??ري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پ??ران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل افغان عوام کي درپيش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني تي پ??ڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.