??سل??م آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي نا??ائ?? قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا ??ڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ نا??ائ?? قبضا ٻيلن جي زمين تي ڪيا ويا ??هن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ نا??ائ?? قبضا قائم ڪيا ويا ??هن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين جي ڊيجيٽلائيزيش?? جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي نا??ائ?? قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون نا??ائ?? قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ ??سل??م آباد جي انتظاميا کي نا??ائ?? قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نا??ائ?? قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.