اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي ??اڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي ??ئي. شق 2 تي ??خالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پيش ڪئ?? وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هي بل ڪافي عر??ي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي ??ئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئ?? وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ??وٽنگ ڪرائ?? وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئ?? وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پن??نج?? حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻي ترميم پيس ڪئي، ان تي تاج حيدر پن??نج?? ترميم پيش ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئي. اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر اعواڻ ان تي ??ن??نج?? ترميم پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئ?? وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پيش ڪئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.