اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان ??رض جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي ??رض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪين??ر ڪيئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي ??رض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪين??ر ڪيسر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪين??ر ڪيئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.