اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن مع??ونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي و??رو وفاقي وز??ر شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار و??رو وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار، توانائي و??رو وفاقي وز??ر محمد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وز??راعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وز??راعظم گاڏين ج?? قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وز??راعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن مع??ونت فراهم ڪندي.