اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳا??ن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعز?? آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آ??ن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي ??يو ته پاڪستان ۽ چين حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن ??يو ته پاڪستان چين جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چين جي حمايت کي ساراهيو. هن ??يو ته پاڪستان پاڪ –چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعز?? آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪ – چين اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چيني شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. چيني سفير نونگ رونگ ??يو ته پاڪستان چين جو ويجهو دوست آهي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته چين جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چيني سفير صدر کي ٻڌايو ته چين پاڪستان کي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.