اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ماڻهن کي احساس ڪفالت پر??گرام تحت 12 هزار رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پر??گرام تحت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپين جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ايمرجنسي ڪيش پر??گرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پاڻي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ورڇ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو اي??ٽ 2021ع تحت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏ??ي آهي جنهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان ??وج?? ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.