اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي رهي آ??ي، ملڪ تاريخ جي ٻه واٽي تي ??يٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقعو آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ ج?? لاءِ عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي حمايت ڪري، پئسي جي زور تي ??ينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي ??رڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي ??حث دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو اخلاقي رخ آهي، اهو معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي طاقت پارليامينٽ هوندي آ??ي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي ??ينيٽ جي اليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اسان کي اهو سوچڻ گه??جي ته اسان اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگهون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ??ي لعنت کي ختم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهيو آهي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچايو آهي. عالمي دنيا ۾ جن ملڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اهي سڀ کان پٺتي ??هن ۽ اهي ملڪ جتي ??مهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آ??ي، اتي قانون جي حڪمراني اهو بنيادي جز آهي جنهن تي ??هي عمل ڪن ٿا. بدقسمتي ??ان اسان جي ملڪ جو اهو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي ??ه احساس ٿيو آهي ته ڪنهن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اهو نه سمجهي سگهي ته هي رڳو قانوني معاملو آهي يا اخلاقي معاملو به آهي. هن چيو ته بدقسمتي ??ان اخلاقيات ۽ انهن قانونن تي ??يڪي اسان جي زميني حقيقتن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهجي، اسان ڪهڙي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي ??تفاق ڪيو ۽ ان جي شق 23 بلڪل واضح آهي ان تي ??نهن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال انهن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر انهن ان تي ??ملدرآمد نه ڪيو. ڇا اهو واجبي دستاويز هو ۽ ان تي ??ملدرآمد انهن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ ج?? معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف مليو آهي، هاڻي انهن کي عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته انهن کي ان ڳالهه تي ??ور ڪرڻ گه??جي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪو ڪجهه چئي رهي آ??ي ته ڇا اهو اخلاقي طور تي ??حيح آهي يا نه، ڇا اها حقيقت نه آهي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نه آهي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي حڪمراني تمام اهم آهي پر ان سان گڏ اخلاقي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ اخلاقيات، عالمي اصول ۽ زميني حقيقتون سڀ شامل هوندا آهن.