اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته صحت مند ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ عورتن جو صحت مند هجڻ ضروري آهي، ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ سان ??لاج ممڪن آهي، عورتن ۾ بيماري جي حوالي سان ??عور آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ خاص طور تي پارليامينٽ جي عورت ميمبرن ??ي پنهنجو خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه هن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۽ واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جون عورت ميمبرن سميت معاشري جي مختلف طب??ن سان ??علق رکندڙ عورتن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو.