اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي ??هرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پ??ڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ??ن دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته ??هڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي ک?? ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته ??نساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پ??ڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصف??ڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.