اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جي??) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهو?? ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪا??يا?? بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام ط??ف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ايس ڊي جي?? ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ڊي جي?? نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته قومي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چي?? ته ايس ڊي جي?? تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اي?? ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جي??) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته ڪا??يا?? جوان پروگرام کانپوءِ ڪا??يا?? پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم ط??قن کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو قرض منطور ۽ 45 ارب فراهم ڪري ڇڏيا آهن. هن چي?? ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو ويو آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.