اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت بلتستان ج?? معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي لاءِ بنا وياج جي قرضن ج?? فراهمي لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن گلگت بلتستان ا??يمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت بلتستان ا??يمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت بلتستان ا??يمبلي جو ڊپٽ?? اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا ??هيون. گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي حسن ج?? مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت بلتستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.