اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪ??رونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي ??ابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃ?? ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي ??رادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزي?? شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي ??نگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.