اسلام آبا?? – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانونسازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري آهي، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياماني، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لاءِ کٽڪي ٿو جو هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙ??ي رهيو آهي.