اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان مني گرام ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ چيئرمين وليم اليگزنڊر هولمز جي قيادت ۾ وفد وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هئا، مني گرام انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن رقم جي پهچ ۽ عالمي طور تي تسليم ٿيل آمريڪي ڪمپني ??هي جيڪا 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ساڍا 3 لک جي لڳ ڀڳ ايجنٽ هنڌن تي پنهنجون خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.