اسلا?? آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه نگران حڪومت ملڪ ۾ ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائي رهي ??هي، 2024ع ??ي چونڊن جي شفافيت جي لاءِ عالمي مبصرن جي آجيان ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دولت مشترڪه ج?? مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گُد لڪَ ايبيلي جانٿن سان سندس وفد سان گڏ ملاقات دوران ڪيو. نگران وزيراعظم وفد جي 2024ع ??ي چونڊن جي حوالي سان پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم دولت مشترڪه ج?? سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان ۽ دولت مشترڪه ج?? لاڳاپن ۾ مضبوطي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته 2024ع ??ي چونڊن جي شفافيت جي لاءِ عالمي مبصرن جي اچڻ جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت عالمي مبصرن کي 2024ع ??ي چونڊن جي جائزي جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت ملڪ ۾ ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائي رهي ??هي، نگران حڪومت هر پارٽي کي پنهن??ي چونڊ مهم جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي ??هي. هن چيو ته نگران حڪومت يقيني بڻائي رهي ??هي ??ه اليڪشن ڪميشن کي ڪامياب شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، 2024ع ??ي چونڊن ۾ اهو فيصلو عوام ڪندي ته پاڪستان جي قيادت ڪهڙي پارٽي جي حوالي ڪرڻي آهي. وفد جي سيڪريٽري جنرل د??لت مشترڪه پاران نگران وزيراعظم کي خيرسگالي جو پيغام ڏنو. وفد 2024ع ??ي چونڊن جي شفاف انعقاد جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي انتظامن کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو.