اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي م??اق??ت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگ??ان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگ??ان وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪ??و ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏوگڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگ??ان وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ ساراهيو.