اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورس??ي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورس??ي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي اردو يونيورس??ي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورس??ي جي سينيٽ جا ا??لاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورس??ي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورس??ي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورس??ي جي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورس??ي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪمي??ي جوڙڻ تي پڻ ??ور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي اردو يونيورس??ي جي سينيٽ وفاقي اردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان جي صدر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ ??تفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپو??ٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪمي??ي جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ ??تفاق ڪيو ويو.