تاش??ند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شر??ت جي لاءِ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاش??ند پهچي ويو. تاش??ند جي عالمي هوائي اڏي تي ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله نمعتويچ عارفوف نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اي سي او اجلاس ۾ شر??ت ڪندو. هو سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. نگران وزيراعظم ازبڪ قيادت سميت اجلاس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم اي سي او ويزن 2025ع تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.