اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ٻه رياستي حل ۽ 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام سان ممڪن آهي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران کنيل قدمن کي ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل علائقي جي آبادياتي نوعيت کي تبديل ڪرڻ جي مڪمل غيرقانوني ڪوشش سان نقل ڪيو آهي. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام وانگر ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي منتظر آهي، جيڪي انهن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪن ٿيُون. هن چيو ته نئون آبادياتي ماضي سان ڳنڍيل بنياد فلسطين جي مسئلي وانگر ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار 7 ڏ??اڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. ترجمان چيو ته سڀاڻي ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جا 76 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارتي قابض فوج 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو ڪيو، اهڙي طرح ڪش??يري عوام جي لاءِ هڪ تاريخي باب جي شروعات ٿي. هن چيو ته ڪش??يري عوام پنهنجي زمين تي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڀارت پاران انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي سرزمين تي بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم مهم کي قبول ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪش??يرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.