اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محم?? سائرس سجاد قاضي پاڪ آمريڪا سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري سڪي جي رونمائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جنهن جو اهتمام اسٽيٽ بئنڪ آ?? پاڪستان جمعي ڏينهن ڪيو. پرڏيه?? آفيس موجب اهو سِڪو جمهوري قدرن، گڏيل تعاون ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل تاريخي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو.