اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس ??وڳاڙين ۾ اضافي جي لا??ِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزار??ن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي واري سيڪريٽري، پاور واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لا??ِ قدمن تي ??فص??لي طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي پڻ ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هر شعبي ۾ جاري سڌارن تي ??فص??لي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا رڪاوٽ جاري رهندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لا??ِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس ??وڳاڙين ۾ اضافي جي لا??ِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي.