اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر ??ما?? ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪر??م ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر ??ما?? ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪر??م ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر ??ما?? ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪر??م ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.