اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيندي انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صد?? پهرين ج??ن تي سنگوان بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عنايت الله ۽ حسنين اشتياق جي و??رث?? سان ف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صد?? شهيدن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 3 ج??ن تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ معراج الدين جي والد سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صد?? 4 ج??ن تي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ ظهير عباس جي والد سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 4 ج??ن تي جاني خيل ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد انور ۽ نائب صوبيدار غلام مرتضيٰ جي و??رث?? سان پڻ ٽيليف??ن تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? 5 ج??ن تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ صابر جي پونئيرن سان پڻ رابطوڪيو. صد?? سمورن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيو ۽ شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.