باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو ??ڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو ??هي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشمير جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان سان گڏ بيٺل ??هي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين سان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو ??اعدو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين سان اهو ئي واعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف ??عا??لن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته گڏيل قو??ن جو ڪشميرين سان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو ??هي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خلاف مختلف حربا استعمال ڪندي رهي ??هي. ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.