ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پي??لزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي عدالتي قتل کي م??ڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان انصاف جي م??تظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ج??ري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرد??ري پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي ج??ري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته تاريخ ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته ??ائ?? عوام سان ظلم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرد??ري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پي??لزپارٽي چيئرمين ??ائ?? عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پي??لزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچ??ري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.