اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳ??پن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳ??پن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳ??پن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ??ي وزيراعظ?? جا ٿورا مڃيا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪستانين جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ ??ي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.