اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر م??رر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شري?? پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر م??دوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور م??ظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.