اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف ا??ڪو??ئري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثرين کي چئن سالن ??ائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف ا??ڪو??ئري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئ?? وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سالن ??ي د??ر کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿارٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئ??، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئ?? وئي، ??نه?? تي شهرين اٿارٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئ?? پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئ??، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف ا??ڪو??ئري جو حڪم ڏنو، ??نه?? کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.