جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي ??يو??پمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد الجاسر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. وزيراعظم اسلامي ??يو??پمينٽ بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي ۽ حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسلامي ??يو??پمينٽ بئنڪ جي صدر وزيراعظم کي پاڪستان سان ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسلامي ??يو??پمينٽ بئنڪ جي لاءِ پاڪستان انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي، اسلامي ??يو??پمينٽ بئنڪ مصيبت ۾ ورتل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي مدد ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر محمد الجاسر جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ پاڪستان سان تعاو?? تي ٿورا مڃيا ۽ کيس حڪومت جي پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار کي گهٽ ڪري قابل تجديد توانائي جي ذريع?? تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف محمد الجاسر کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن سان حڪومت نه رڳو گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪري سگهندي پر درآمدي ٻارڻ جو بل پڻ تمام گهٽ ٿيندو.